قبوسعيد خان ويجهو ڳوٺ محمد بخش کوسو جي ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف رياض کوسو جي اڳواڻي ۾ مختيارڪار خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي رياض کوسو، غلام شبير کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٻوڏ سبب سندس گھر ڊھي پٽ ٿي ويا ۽ فصل به لڙھي ويا ۽ گھرن ۾ پيل سمورو سامان گھر ڊھڻ سبب دٻجي ويا. جڏھن ته ٻوڏ دوران صرف ٻچڙا ٻاھر ڪڍي روڊن تي بي يارو مددگار نٽھڻ اس تي کليل آسمان هيٺان بک تي ويٺا آھيون. ھنن چيو ته سنڌ سرڪار پاران موڪليل راشن، ٽينٽ مختيار ڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي حوالي ٿيڻ کانپو ھو من پسند ماڻھن ۾ ورھائي رھيا آھن. ھنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثرن سان ٿيندڙ ناجائزين جو نوٽس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close