وڳڻ ۾ لعلو رائنڪ واسي معمولي ڳالهه تان قتل ڪيل نينگر ياد حسين چنا جي وارثن ۽ جسقم پاران مقتول نينگر جي وارثن کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لا ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول نينگر جي پي سڪندر چنو ٻڌايو ته پٽ ياد حسين چنا کي جوابدار ھدايت الله بروھي معمولي ڳالهھ تان کيس گھٽا ڏئي وحشياڻو تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪري لاش شھر ٻاھران پاڻي جي تلا ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو، جوابدار پوليس اڳيان قتل جو اعتراف ڪيو ھُو، مٿس ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آھي. ھُن الزام ھڻندي چيو ته جوابدار جا بااثر مائٽ رضا محمد بروھي، وسيم ۽ شاھد بروھي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لا موتمار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آهن جڏھن ته مان انتھائي غريب آھيان موچڪو ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو آھيان، مونکي ۽ منھنجي گھر ڀاتين جي زندگي کي بااثرن مان خطرو آھي اسان اھڙي شڪايت لعلورائنڪ ٿاڻي تي ڏني آهي پر پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو. ھن چيو ته اسانکي عدالت تي مڪمل اعتماد آھي ته ضرور انصاف ملندو. هن ڊي آ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close