ڊکڻ ويجهو نبي شاهه وڳڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سمندر گوپانگ ويجهو جمالي برادري ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن موٽرسائيڪل سوارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ صدام حسين جمالي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. جنهن کي لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته جمالي برادري جي ٻن ڌرين نياز ۽ رمضان جمالي ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان هي واقعو پيش آيو آهي، زخمي کي لاڙڪاڻي علاج لا موڪليو آهي، واقعي جو هن مهل تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close