پاڪستانسنڌ

سامارو تعلقي ۾ 7 فلٽر پلانٽ خراب، متاثر ٻوڏ وارو پاڻي پيئڻ سبب بيمار

سامارو: سامارو تعلقي ۾ برساتي تباهڪارين سبب ڪئنالن، واھن ۽ شاخن ۾ نئون پاڻي نه اچڻ ڪري سامارو ۽ سامارو روڊ شھرن سميت تعلقي جي 8 ئي يوسيز جا ھزارين متاثر پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم ٿي ويا آهن، جنهن سبب شهري توڙي ٻوڏ متاثر کڏن ۾ بيٺل برساتي گندو پاڻي ۽ ھينڊ پمپن تان جر جو کارو پاڻي پيئڻ سان گڏ ڪپڙي لٽي ڌوئڻ ۽ وھنجڻ ۾ استعمال ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن، جنھن سبب عورتون، مرد ۽ ٻار گيسٽرو، الٽي، ڊائريا، ٽائيفائيڊ، بلڊ پريشر، ڪاري ڪامڻ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. يوسي مير محمد ڀرڳڙي جي ڳوٺ پير بخش ڌونڪائي، يوسي سامارو ون جي ڳوٺ واحدبخش ڀرڳڙي، يوسي پڌريو فارم جي ڳوٺ چوڌري برڪت رنڌاوا، يوسي آراڙو ڀرڳڙي جي ڳوٺ حاجي بنده علي راھو، يوسي نور خان ڌونڪائي جي ڳوٺ غلام حيدر بنگلاڻي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جا لڳل آر او فلٽر ڪيترن ئي سالن کان خراب ٿي ناڪاره بڻيل آھن، جنھن سبب برساتي تباهڪارين ۾ متاثرن لا پيئڻ جي صاف پاڻي جي وڏي بحران سبب صحت لا غير معياري پاڻي واپراڻ سبب ھزارين جانيون دا تي لڳل آھن، پر لاڳاپيل اداري سميت تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا طرفان ايمرجنسي بنيادن تي ڪروڙين رپين جي ماليت جي سمورن 7 ئي آر او فلٽر پلانٽن کي درست ۽ چالو ڪرائي پيئڻ جي صاف پاڻي لا اپا ناهن ورتا ويا. سماجي سڄاڻ ڌرين ۽ شھرين روشن علي بھراڻي، خميسو چوھاڻ، خان خاصخيلي ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته مٺڙائو ڪئنال ۾ گذريل ٻن مھينن کان نئون پاڻي بند پيل آھي، برساتي تباهڪارين سبب شھرن تعلقي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿيل آھي، سامارو ۽ سامارو روڊ جا متاثر شھري روڊ رستن، دڙن، واھن ۽ شاخن جي پٽڙين ۽ ڪئمپن ۾ ويٺل تعلقي جي سمورين يوسيز جا متاثرن پيئڻ جي صاف پاڻي لا سخت پريشان ٿي واھن شاخن کڏن تلائن ۾ بيٺل صحت لا هاڃيڪار برساتي گندو ۽ جر جو سينکيو مليل پاڻي پيئڻ ۽ ڪپڙا لٽا برتن ڌوئڻ ۽ وھنجڻ ۾ استعمال ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن. معلوم ٿيو آھي ته تعلقي جي اڪثر آبادي وارن ڳوٺن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي ذخيري لا تلا ناهن. تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شيوارام مالھي “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته صحت لا غير معياري پاڻي واپرائڻ سبب تعلقي جي متاثر عوام ۾ گيسٽرو سميت ڪيتريون خطرناڪ بيماريون ٿي پيون آهن، روز ڪيترائي گيسٽرو، ڊائريا، چمڙي، خارش ۽ ٻين بيمارين جا مريض اسپتال اچن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button