صالح پٽ: صالح پٽ لڳ ڳوٺ شهباز ڏنو کورکاڻي ۾ گيسٽرو وگهي ٻن سالن جو محافظ علي پٽ صدام حسين کورکاڻي ۽ 4 سالن جو مدثر حسين پٽ نويد کورکاڻي سکر جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي معصوم ٻارن جي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته صدام حسين کورکاڻي جو 5 ڏينهن اڳ به هڪ پٽ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو ھو. ياد رهي ته ڳوٺ شهباز ڏنو کورکاڻي ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ وڌيڪ ٻن ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آهي.