اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي عدالت تعزيرات پاڪستان ۾ بغاوت جي قلم 124 اي جي خلاف درخواست شنوائي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. ان دوران پي ٽي آئي جي درخواست گذار ڊاڪٽر شيرين مزاري پنهنجي وڪيل ابوذر سلمان خان نيازي سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي ۽ موقف اختيار ڪيو ته بغاوت جي قلم 124 اي راءِ جي اظهار جي آزادي کسڻ لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي. بغاوت جو قلم 124 اي پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن سان ٽڪراءُ آهي. چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آئي حڪومت ۾ به بغاوت الزامن جا ڪيس داخل ٿيندا رهيا، قانونسازي پارليامينٽ جو اختيار آهي. اوهان کي پارليامينٽ وڃڻ گهرجي. عدالت قانونسازي ۾ مداخلت نه ڪندي. سڀني کي پارليامينٽ تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بغاوت جا ڪيس غيرقانوني قرار ڏئي چڪي، ابوذر سلمان خان نيازي ايڊووڪيٽ چيو ته اوهان وڻ جون شاخون وڍي رهيا آهيون پاڙ بيٺي آهي. چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آئي پارليامينٽ جو حصو آهي، قانونسازي ڪري سگهي ٿي. درخواست گذار شيرين مزاري متاثر ڌر نه آهي، پارليامينٽ کي مضبوط بڻايو. عدالت مداخلت نه ڪندي پارليامينٽ تي اعتماد ڪري ان کي مضبوط بڻايو. عدالت پارليامينٽ جوا حترام ڪري مداخلت نه ڪنداسين. بغاوت قانون جي خلاف درخواست تي مناسب حڪم جاري ڪيو ويندو. عدالت تعزيرات پاڪستان ۾ بغاوت جي قلم 124 اي جي خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close