اسلام آباد : وفاقي حڪومت ليفٽيننٽ جنرلز ۽ ان کان مٿانهين پوسٽ وارن آفيسرن کي ريٽائرمنٽ تي ڇهه هزار سي سي تائين جي بلٽ پروف گاڏيون بنا ٽئڪس ۽ ڪسٽمز ڊيوٽي جي درآمد ڪرن جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ايف بي آر جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ليفٽيننٽ جنرلز، آرمي چيف، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي رٽائرمنٽ کانپوءِ 6000 سي سي تائين جي گاڏيون گهرائڻ تي ڪسٽمز ڊيوٽي، سيلز ٽئڪس، ودو هولڊنگ ٽئڪس، فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي سميت سمورن ٽئڪس مان ڇوٽ هوندي. آرمي چيف، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس طرفان بنا ڊيوٽي ۽ ٽئڪسن جي گهرايل بلٽ پروف گاڏيون ايف بي آر کان پيشگي منظوري کانسواءِ پنج سالن تائين وڪرو نه ڪري سگهبيون. جڏهن ته پنج سالن اڳ گاڏين جي وڪرو تي سمورا ڊيوٽي، ٽئڪس وصول ڪيا ويندا. نوٽيفڪيشن موجب ليفٽيننٽ جنرلز، آرمي چيف، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي رٽائرمنٽ وقت ڊيوٽي، ٽئڪسن کانسواءِ بلٽ پروف گاڏيون بچاءُ واري وزارت جي سفارٽ تي گهرائڻ جي اجازت هوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close