پاڪستان

وزيراعظم جي آمريڪي صدر سان ملاقات، بائيڊن امداد جاري رکڻ جو عزم ورجائي ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف نيويارڪ ۾ آمريڪا جي صدر جو بائيڊن سان اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال سان گڏوگڏ مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر کي پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ جي تباهين کان آگاهه ڪيو، ٻنهي سربراهن جي ملاقات جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، جنهن ۾ شهباز ۽ بائيڊن پاڪ- آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي غور ويچار ڪيو. آمريڪي صدر پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي امداد جو سلسلو جاري رکڻ جو عزم ورجايو. ٻئي طرف وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ پڻ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز ۾ ملاقات ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button