پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي-77 جي وزارتي اجلاس کي سربراهه طور خطاب ڪندي عالمي موسمياتي تبديلين، معاشي نظام ۽ وبائن جهڙن وڏن مسئلن جي حل لا پنهنجون 7 نقاطي تجويزون پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي اهڙي عالمي ڍانچي ۽ پاليسين کي هٿي ڏيڻي پوندي جن ذريعي دنيا مان اڻبرابري ختم ٿي سگهي، عالمي معاشي نظام کي ترقي جي هدف سان ڳنڍي عالمي موسمياتي تبديلين جي ڏس ۾ ديانتداري سان هڪجهڙيون پاليسيون لاڳو ڪرڻيون پونديون، اسرندڙ ملڪن لاءِ دنيا جي واپاري نظام جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي وڃي ته جيئن دنيا ۾ ترقي جا هدف مڪمل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي. نيويارڪ ۾ اجلاس دوران ڳالهائيندي هن چيو ته دنيا جا اسرندڙ ملڪ وڌندڙ تڪرارن، مهانگائي، موسمياتي تبديلي ۽ وبائن سبب سخت دور مان گذري رهيا آهن، انهن مسئلن جي حل لاءِ اقتصادي دٻاءُ جو شڪار 50 کان وڌيڪ اسرندڙ ملڪن جي معاشي مدد خاطر عالمي برادري کي سرگرم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي اسرندڙ ملڪن ۾ غذائي بحران جو شڪار 250 ملين ماڻهن تائين فوري طور کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ممڪن بڻائڻي پوندي، اسرندڙ ملڪن جو توانائي جي درآمدات جو بار گهٽائڻ لاءِ رستا ڳولڻا پوندا. بلاول چيو ته هن وقت پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽيون حصو پاڻي هيٺ آهي، جيڪو پوري برطانيا جي ايراضي برابر آهي، ٻوڏ سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌو سنئون متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته موسمياتي تبديلي جي اثرن 6 ڪروڙ پاڪستانين کي متاثر ڪيو آهي، اسان گروپ 77 جي ملڪن سميت عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون جن پاڪستان جي موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي ۽ بحران ۾ اسان جي مدد ڪئي، جيڪڏهن دنيا کي هڪ مستحڪم عالمي معيشت گهرجي ته ان لاءِ توانائي، ٽرانسپورٽ، رهائش، صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ ساليانو هڪ کرب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close