اسلام آبادپاڪستان

صحافي اياز امير ۽ زال جا وارنٽ جاري،گرفتار پٽ جو رمانڊ

اسلام آباد :عدالت زال کي قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار سينيئر صحافي اياز امير جي پٽ شاهنواز کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن گهرواري کي قتل جي الزام هيٺ گرفتار ٿيندڙ جوابدار شاهنواز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ شنوائي دوران جاچ آفيسر جوابدار جي والدين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته توهان جوابدارن جي والدين جي گرفتاري وارنٽ ڇا لاءِ گهرجن؟ جاچ آفيسر جواب ڏنو ته جوابدار شاهنواز جي والدين کان جاچ ڪرڻي آھي، جنهن تي عدالت سينيئر صحافي اياز امير ۽ سندس گھر واري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. جنهن بعد عدالت جوابدار شاهنواز جي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ پڻ منظور ڪندي کيس اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن شاهنواز ڏينهن اسلام آباد جي علائقي چڪ جي فارم هائوس ۾ پنهنجي گهرواري سارا کي مٿي تي لوهي راڊ جو وار ڪري بيهوش ڪري پوءِ کيس وهنجڻ واري ٽب ۾ وجهي پاڻي هلائي ماري ڇڏيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button