اسلام آبادپاڪستان

حملو ڪندڙ دهشتگردن سان ڪنهن جي چوڻ تي ڳالهيون ٿين پيون:جسٽس فائز

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سوال ڪندي چيو آهي ته سوات ۾ جن جي حملي کانپوءِ ٻارڙين جو اسڪول 5 سالن تائين بند رهيو، اڄ اسان انهن دهشتگردن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، اهو ڪنهن جي اجازت سان ٿي رهيو آهي؟ اسلام آباد ۾ جاري عالمي عدالتي ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج قاضي فائز عيسيٰ خطاب ڪندي چيو ته عالمي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي پاڻ به ڪجهه ڪرڻو پوندو. دنيا ڏانهن واجهائڻ بدران پاڻ عملي قدم کڻڻا پوندا. انتهاپسندي ۽ دهشتگردي بابت هن چيو ته سوات ۾ حملي کانپوءِ ٻارڙين جو اسڪول 5 سالن تائين بند رهيو، اڄ اسان انهن دهشتگردن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، دهشتگردن سان ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن؟ دهشتگردن سان ڳالهين جي اجازت ڪنهن ڏني؟ سندس چوڻ هو ته حڪومت ججن، بيورو ڪريٽن ۽ فوجي آفيسرن کي گاڏيون ڏيڻ بند ڪري، اها رقم پنڌ، سائيڪل جي رستن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي خرچ ڪئي وڃي. اولهه چئي ٿو ته پنڌ گهمو يا سائيڪل ڪاهيو ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪيو. سوالن جوابن جي سيشن ۾ سوال ڪيو ويو ته جي ايڇ ڪيو ۾ آئيني ۽ عالمي ايشوز بابت ريسرچ اينڊ ليگل لا ڊائريڪٽوريٽ قائم ڪيو ويو آهي، عدليا ان سان ڪوآرڊينيشن ڇو نه پئي ڪري؟ جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مون کي علم ناهي ته فوج ڪو ادارو قائم ڪيو آهي. جيڪڏهن اهي چاهين ته مان کين ڪوآرڊينيشن ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته ٽئنڪون ۽ توپ خانا ڪيئن هلائيندا آهن. جيڪڏهن اهي آئيني ۽ عالمي ايشوز بابت ڪوآرڊينيشن چاهين ٿا ته مون کي يا ڪنهن کي به دعوت ڏئي سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button