اسلام آبادپاڪستانعالمي

نوازشريف ۽ شهباز وچ ۾ ملاقات، ڊار کي ناڻي وزير بڻائڻ جو فيصلو

نيويارڪ/لنڊن:لنڊن ۾ ن ليگ جي سربراهه نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، جنهن تحت سينيٽ جي رڪنيت جو حلف کڻڻ کانپوءِ اسحاق ڊار ناڻي واري وزير طور حلف کڻندو. ذريعن موجب اهم ترين ملاقات ۾ نواز شريف، وزيراعظم شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار شرڪت ڪئي، جتي اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پنهنجي ملڪ واپسي واري منصوبي بابت وزيراعظم کي پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ کي پيش مسئلن، معاشي چئلينجز سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اڳوڻي ناڻي واري وزير ڏيهه واپسي بابت پنهنجي پلان جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف کي آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ اسحاق ڊار ڏيهه واپسي ۽ سينيٽ حلف واري معاملي تي پڻ مشاورت ٿي. ذريعن موجب اسحاق ڊار ايندڙ هفتي ملڪ واپس اچي احتساب عدالت اڳيان پيش ٿيندو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان کي لکين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي سگهي ٿي. آمريڪي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏ کي منهن ڏنو. پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌي ريت متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته روس، يوڪرين جنگ سبب دنيا ۾ تيل ۽ اَن جو بحران ٿيو، جڏهن ته ٻوڏ سبب پاڪستان کي لکين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته عالمي برادري اسان جي مدد ڪري ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي بحالي يقيني بڻائي سگهون. يو اين سيڪريٽري جنرل ڊونرز ڪانفرنس فوري طور گهرائڻ لاءِ منهنجي تجويز سان اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان پرامن پاڙيسري ملڪ طور رهڻ چاهي ٿو. دنيا تي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان پرامن لاڳاپن جو خواهشمند آهي پر ڀارت کي 2019 کانپوءِ کنيل قدم واپس وٺڻا پوندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏن کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن سبب 33 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. برادري ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اسان جي سهڪار کي يقيني بڻائي. هن چيو ته تازين ٻوڏن سبب پاڪستان کي خوراڪ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ لکين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي، اسان روس کان هڪ ملين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪري سگهون ٿا، ان تي ڪو اعتراض ناهي، روس ۽ يوڪرين جي جنگ جو سبب آهي، دنيا ۾ اناج جو بحران هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button