اسلام آبادپاڪستانعالمي

ٻوڏ موسمياتي ڦيرگهير سبب آئي،ماحولياتي انصاف ڪيو وڃي:بلاول ڀٽو

نيويارڪ:پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان غيرمعمولي ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ تيز ۽ موثر قدم کنيا آهن. پاڪستان لاءِ ماحولياتي انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا ڇو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي واضح طور تي موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري ٿي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجون مصروفيتون سهيڙيندي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جا ايندڙ مرحلا درپيش آهن، هي ٻوڏ هڪ وڏي ڪاٿي جو الميو آهي، هن گرمي جي موسم ۾ شديد گرمي پاڪستان جي ڪيترن ئي گليشيئرز کي وگهاري ڇڏيو. گرمي جي شدت جي ڪري معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ ڪل نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو ان جي مجموعي گهريلو پيداوار جو 10 سيڪڙو آهي. ملڪ جو ٽيون حصو هن وقت پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ سان 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 7 هزار ڪلوميٽر رستا، 300 پليون ۽ 50 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. هن چيو ته پاڪستان جي گلوبل گرين هائوس گئس ۾ حصيداري ٻڙي ڏهائي 8 سيڪڙو آهي. جڏهن ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي سڀ کان وڌيڪ شڪار 10 ملڪن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ٻوڏ جو پاڻي گهٽ ٿيڻ کانپوءِ بحالي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، تباهه ٿيندڙ انفراسٽرڪچر کي بهتر طريقي سان ٻيهر تعمير ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ ايندڙ قدرتي آفتن جو مقابلو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته 30 آگسٽ تي گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل کي اپ گريڊ ۽ نقصان جو ڪاٿو مڪمل ٿي وڃڻ کانپوءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button