خيرپختونخوا حڪومت وفاق کي پوليس فورس جون خدمتون ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، حڪومتي ترجمان ڊاڪٽر محمد علي سيف چيو آهي ته صوبي جي پوليس فورس وفاق کي نٿا ڏئي سگهون، ڇاڪاڻ ته صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ لا پوليس جي هتي وڌيڪ ضرورت آهي. بئرسٽر سيف ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي گهرو وزير تي الزام لڳايو ته راڻا ثنا الله پاڪستاني شهرين کي اسلام آباد ۾ اچڻ کان روڪڻ لا پوليس فورس استعمال ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسان عوام تي تشدد لاءِ وفاقي حڪومت کي پنهنجي پوليس نٿا ڏئي سگهون، گهرو وزير پنهنجي ڏيڍ سر جي حڪومت بچائڻ لا خيبر پختونخوا کان پوليس گهري رهيو آهي پر اسان پنهنجي پوليس کي تشدد لا استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. ٻئي طرف صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪهڙا دهشتگرد پيا اچن جو وفاق کي سيڪيورٽي گهرجي، خيبر پختونخوا صوبي جي پوليس جون خدمتون وفاق کي نه ڏينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close