34 سالن جي ڄمار کي پهتل پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس جي موقعي تي صحافين شادي بابت سوال پڇي ورتو، جنهن تي هن هاڪاري جواب ڏيندي کل ۾ ڳالهه ٽاري ڇڏي. پرڏيهي صحافي ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ مختصر ڳالھه ٻولھه جي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ صحافي سوال ڪيو ته منهنجا اڪثر پاڪستاني دوست پڇندا آهن ته ڇا بلاول جو شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو آهي؟ جنهن تي بلاول ڀٽو مسڪرائيندي جواب ڏنو ته هابلڪل، مان شادي جو ارادو رکان ٿو پر في الحال ڪا تڪڙ ناهي. مختصر جواب ڏيڻ بعد بلاول وڌيڪ ڪجهه ڳالهائڻ بنا اڳتي وڌي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close