سنڌ

زرعي زمين جلد بحال نه ٿي ته زرعي پيدوار گهٽجي ويندي:اسماعيل راهو

سنڌ جي ماحوليات کاتي واري وزير اسماعيل راهو چيو آھي ته موسمي تبديلين سبب موسمن جي غير يقيني صورتحال پاڪستان کي انتهائي مشڪل صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن لکين ايڪڙ زرعي زمين جلد بحال نه ڪئي وئي ته اسان کي خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگھجي ٿو، موسمياتي تبديلين سبب ملڪي معيشت کي خطرو آهي ۽ زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي جو خدشو آهي. ھن وڌيڪ پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته عمران نيازي جيڪو پاڻ کي موسمياتي تبديليءَ جو وڏوچيمپيئن سڏائي ٿو، ان گذريل سال گلاسگو ڪانفرنس ۾ شرڪت ئي نه ڪئي، موسمياتي تبديلي دنيا جي سڀ کان وڏي فورم کي عمران شاهي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو. ھن چيو ته جن نااھل وزيرن ملڪ امين اسلم ۽ زرتاج گل کي موڪليو ويو ھو، اھي گلاسگو ۾ هڪ ٻئي سان وڙهي واپس موٽي آيا ھئا، نااهل حڪمرانن جي ڪري پاڪستان گذريل عالمي ڪانفرنس ۾ پنهنجو ڀرپور موقف پيش ڪرڻ کان محروم رھيو. عمران خان جي حڪومت گذريل 4 سالن ۾ بلين ٽري فراڊ منصوبي جي ڪوڙي پبلسٽي کانسواءِ موسمياتي تبديلي بابت ڪجهه ناهي ڪيو. اسماعيل راهو چيو ته عمران نيازي پنھنجي گذريل حڪومت ۾ صوبن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو. سنڌ عمران خان ۽ ان جي موسمياتي تبديلي جي وفاقي وزارت کي ڪيترائي خط لکيا جن تي غور ئي نه ڪيو ۽ جواب ڏيڻ مناسب نه سمجهيو. وزير ماحوليات جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري موسمن کي غير يقيني صورتحال پاڪستان کي وڏي مشڪل حالتن سان گذرڻو پئجي رهيو آهي. جيڪڏهن لکين ايڪڙ زرعي زمين کي جلد بحالي نه ڪئي وئي ته خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. موسمياتي تبديلي سان ملڪي معيشت کي خطرو ۽ زرعي پيداوار گهٽ ٿيڻ جو خدشو آهي.
اسماعيل راهو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button