عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ کارڙو چارڻ ۾ اڳوڻي يوسي چئيرمين ۽ راڄوڻي ڏاھپ جي ڪردار ڪوي پيرڏان ڏان چارڻ ۽ سگھڙ ڪوي ڪيسرڏان چارڻ جي وفات بعد سندن ٻارس جي رسم ادا ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪوي پيرڏان چارڻ جي پٽ يوسي کارڙو چارڻ جي چيئرمين ڪوي ڪيلاش ڏان چارڻ کي ايم پي اي همير سنگهه ۽ برادري پاران پڳ ۽ سونو تاج پارايو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ايم پي اي راڻا ھمير سنگهھ چيو ته راجپوتن ۽ چارڻ جو تاريخي تھذيبي روحاني رشتو آھي، سنڌ جي تاريخ ۾ جڏھن به سوڍن جو تذڪرو ٿيندو آھي، تڏھن کاروڙي چارڻ جو نالو گڏ ورتو ويندو، پيرڏان ۽ ڪيسوڏان جو خال ڪڏھن ڀرجي نٿو سگھي. اڳوڻي ضلعي چيئيرمين نور علي شاهه چيو ته اسان جا چارڻ برداري سان پراڻو واسطا آهن. اڳوڻي ايم پي اي راجوير سنگھه چيو ته چارڻ اسان جي مرشد جيأن آهن. ليکڪ ارباب نيڪ محمد چيو ته پيرڏان چارڻ ۽ ڪيسو ڏان چارڻ اسان جي علائقي جا وڏا ھڪ ڪردار ھئا، جن جي وڃڻ سان وڏو خال پيدا ٿيو آھي. ڪالم نگار سماجي اڳواڻ علي اڪبر راھمون چيو ته اسان وٽ ماڻھو ھليا ويندا آھن، پر ھنن جو ڪردار ھميشه زندهه رھندو آھي، پيرڏان ۽ ڪيسوڏان جو ھڪ امر ڪردار آھي. تعليمي ماھر ليکڪ پونجراج سوٽھڙ چيو ته اھي ماڻھو راڄ ڀاڳ جا ماڻھو ھئا، جن علائقي واسين جي وڏي خدمت ڪئي. تقريب کي ڪوي ڪيلاش چارڻ، ليکڪ ڊاڪٽر ناٿو سنگهھ، سليمان راھمون، ڊاڪٽر عزيز ڪنڀر، ڀارو مل امراڻي، وڪيل رائسنگھه سوڍو، سماجي اڳواڻ سليمان راھمون، ليکڪ سردار ڀيو، غلام مصطفى چارڻ، ڄام اقبال انڙ، شاعر امر رائسنگهھ راجپوت، جڳت ڏان، پروفيسر قيوم ڪنڀر، رنجيت سنگھه پرمار ۽ ٻين خطاب ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close