پاڪستانسنڌ

جهڏو ۽ ڀرپاسي جا هزارين ماڻهو امداد کان محروم، عورتن جو ڌرڻو

جهڏو: جهڏو ۽ آسپاس جا هزارين حقيقي ٻوڏ متاثر سرڪاري امداد کان محروم آهن، سرڪاري انگ اکرن موجب تعلقي جهڏو ۾ اٽڪل 76 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن، پر سرڪاري سطح تي هيل تائين 10 هزار ماڻهن جي به سهائتا نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٿلهي ليکي موجوده برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري تعلقي جهڏو جا ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، شهر جون مختلف ڪالونيون حاجي عاشق ڪالوني، عابد ڪالوني، هاشم ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ٻوڏ جو 4 کا 5 فوٽ بيٺل هجڻ سبب بيروزگار ٿيل سفيد پوش طبقي جا ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته بي گهر ٿي کليل آسمان هيٺ ويٺل هزارين ٻوڏ متاثر پڻ مدد جا منتظر آهن. هوڏانهن اي سي ۽ مختيارڪار آفيس ۾ سفارشي چٺين کانسواءِ امداد ملڻ مشڪل آهي، مختيارڪار آفيس ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ آيل راشن، مڇردانيون، ٽينٽ، کٽون ۽ ٻيو سامان سرڪاري اڳواڻن جي پرچين ۽ من پسندن کي ملڻ سبب هزارين ماڻهو راشن، خيمن، مڇردانين لا پريشان آهن. مختيارڪار آفيس کي تالو لڳائي تپيدارن جي پرائيويٽ جاين تي آفيس جو ڪاروهنوار هلائڻ ۾ مصروف آهي. هوڏانهن راشن ۽ ٻيو سامان نه ملڻ خلاف مختلف علائقن جي ٻوڏ متاثر عورتن ۽ مردن مختيارڪار آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان ٻارن سميت بکن تي آهيون، پر اسان کي ڪجهه نٿو ڏنو وڃي، ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا پنهنجي ماڻهن کي راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي اسان سان ظلم ڪري رهيا آهن. هنن گهر ڪئي ته اسان کي راشن، خيما، مڇردانيون ۽ ٻيو سامان ڏئي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button