ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڍينگاسرو ۾ 18 سالن جي ناري جيتي زال لڇمڻ ڪولهي جو گهر اندر چوئنري ۾ اڳٺ سان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو ۽ واقعي جو اطلاع ننگرپارڪر پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن موجب مڙس پاران زال کي ٻني ۾ ٻاجهر جو فصل ڪڍرائڻ لا هلڻ جو چيو ۽ زال پاران انڪار تي ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيو، مڙس طرفان ٻني تي وڃڻ کانپو عورت خودڪشي ڪئي. ناري جي هڪ سال اڳ شادي ٿي هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close