ڇاڇرو: ڇاڇرو جي ڳوٺ ڪانڪيو جي بااثر وڏيري غريب پورهيتن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. نبي بخش پٽ لياقت ٻهپار، سندس ڀائيٽي نظر محمد، محمد يوسف ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته پورهيت 70 ورهين جو لياقت ٻهپار هڪ هفتو اڳ پنهنجي ٻني تي وڃي رهيو هو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري حاجي محمد شاهھ، سندس پٽ رياض شاهه، عمر واگهوريو ۽ ڌنجي ڪولهي لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري کيس زخمي ڪيو، ڳوٺاڻن اسان جي والد کي بچائي اسان کي اطلاع ڪيو، اسان بابا کي کڻائي مبارڪ رند ٿاڻي تي پهتاسين، جتي سول ڪپڙن ۾ ويٺل پوليس اهلڪارن چيو ته وڏو صاحب ناهي، توهان ڇاڇرو وڃو، اسان ڇاڇرو ٿاڻي تي وياسين ته ايس ايڇ او سليم سمون ليٽر لکي ڏنو، تعلقي اسپتال وارن حيدرآباد موڪليو، اسان ٻن ڏينهن بعد علاج ڪرائي آيا آهيون. هنن چيو ته پيرسن دماغي توازن به وڃائي ويٺو آهي، بااثر وڏيري رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، ٻني جون واٽون بند ڪري ڇڏيون آهن، مال جي چوري به معمول بڻجي وئي آهي، موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هنن گهر ڪئي ته ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close