پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ ٻن ٻارن سميت 3 ماڻهو بيمارين وگهي فوت

فريدآباد: فريدآباد ۽ ڪاڇي ۾ ٻوڏ کانپو صورتحال ڳنڀير ٿي وئي. گيسٽرو ۽ بخار وگهي 2 ٻارن سميت 3 ماڻهو فوت ٿي ويا. ضلعي انتظاميا بيمار ماڻهن جي علاج لا ڪو نوٽيس نه ورتو. ان سلسلي ۾ فريدآباد لڳ ايف پي بند نياز علي ڪالوني جي رھواسي پورھيت ٻوڏ متاثر عبدالرحمان تيوڻو جو معصوم 4 ورھين جو ٻارڙو شاھزمان تيوڻو تيز بخار ۾ فوت ٿي ويو، جنهن سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ڪجهه اڳ معصوم ٻارڙي جي ڏاڏي سائڻ تيوڻو گيسٽرو ۽ بخار ۾ فوت ٿي ھئي. ڇنڊڻ تي ٻوڏ متاثر 10 ورھين جو زبير پٽ خادم مارفاڻي گيسٽرو ۽ تيز بخار سبب فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش وارث اباڻي ڳوٺ گاجي بخش مارفاڻي کڻائي ويا. ڳوٺ الھڏنو تيوڻو ۾ گيسٽرو ۽ تيز بخار سبب 30 ورھين جو نوجوان لطف پٽ نظر حسين خاصخيلي فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 34 ٿي ويو. روز ٻارن سميت ماڻهن جي بيمارين سبب فوت ٿيڻ باوجود ڊي ايڇ او دادو ۽ ضلعي انتظاميا متاثرن جي علاج لا ميڊيڪل ڪئمپون ناهن لڳايون. فوتين جي وارثن نظر حسين خاصخيلي، محمد خان خاصخيلي، ضمير حسين خاصخيلي چيو ته فريدآباد بي ايڇ يو سينٽر ۾ طبي سھولتون نه هجڻ سبب ٻار فوت ٿي رهيا آهن، چونڊيل نمائندن ۽ سرڪاري ڪامورن ٻوڏ دوران ڪا مدد ناهي ڪئي، هزارين ماڻهو روڊن تي ويٺل آهن، مڇرن جي آزار سبب سوين ماڻهو اڃا به بيمار آهن، پر سندن علاج لا اپا نٿا ورتا وڃن. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کان گھر ڪئي ته ڪاڇي ۾ بک، بدحالي ۽ بيمارين جو نوٽيس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button