پاڪستانسنڌ

دادو ۾ ٻارڙو گيسٽرو ۾ فوت، واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

دادو: ميهڙ جي ڳوٺ ڪرم خان چانڊيو جو رهواسي دادو جي انڊس هائي وي تي کليل آسمان هيٺ ويٺل خاندان جو 3 سالن جو ٻارڙو ثناءُ الله پٽ اصغر چانڊيو گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو. ميهڙ، خيرپورناٿن شاهه ۽ جوهي تعلقن جي مختلف ڳوٺن جا ٻوڏ متاثر انڊس هائي وي تي کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. متاثرن جاويد چانڊيو، سڪندر، صابر، شير زمان لغاري، مختيار، موسيٰ سولنگي، ڀورل سولنگي، عرفان بروهي ۽ ٻين چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا پاران واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته 25 ڏينهن کان کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، هن وقت تائين ڪنهن به سار نه لڌي آهي، جيڪي ووٽ وٺندا هئا، اهي به گم ٿي ويا آهن. هنن ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته جلد رجسٽرڊ ڪري راشن، ٽينٽ ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button