اسلام آباد : پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري بابت صدر عارف علوي جي تجويز آئين ۽ قانون کي پٺي ڏيڻ آهي. پي ڊي ايم ترجمان چيو ته تسليم ڪريون ٿا ته نئين آرمي چيف جي مقرري اهم آهي پر ان معاملي تي صدر عارف علوي جي تجويز آئين جي قانون کي پٺي ڏيڻ آهي. هن چيو ته اتفاق جي هڪ ئي صورت آهي ته مقرري آئين ۽ طئي ٿيل طريقيڪار مطابق ٿئي. آئين ۽ طئي ٿيل طريقي جي خلاف هر ان تجويز کي رد ته پري جي ڳالهه اسان ان کي مڃون ئي نٿا. حافظ حمدالله چيو ته سپريم ڪورٽ سموري رولنگ ۽ فائز عيسيٰ فيصلن ۾ توکي آئين ٽوڙيندڙ ۽ بدديانت سڏيو آهي، هڪ سرٽيفائيڊ آئين ٽوڙيندڙ ۽ بددنيات صدر اهم مقرري تي تجويز نٿو ڏئي سگهي. هن چيو ته صدر جي تجويز مان لڳي رهيو آهي ته موصوف رياست جو نه پر عمراني سياست جو وفادار آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close