اسلام آبادپاڪستان

حامد خان جي تحريڪ انصاف ۾ اهم عهدي تي واپسي

اسلام آباد :پاڪستان تحريڪ انصاف جي حامد خان کي پارٽي ۾ اهم عهدو ڏنو ويو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي جي باني ميمبر ۽ قانوني ماهر حامد خان کي پي ٽي آءِ ۾ اهم عهدي ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان پارٽي جي ايڊوائزري ڪائونسل ٺاهي ڇڏي آهي جنهن جو چيئرمين حامد خان هوندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 10 رڪني ايڊوائزري ڪائونسل ۾ رئوف حسين، نجيب هارون، ارشد داد، جمال انصاري ۽ خالد مسعود شامل هوندا. ان کانسواءِ سليم جان، يعقوب اظهار، تسنيم نوراني ۽ بختيار قصوري کي به پي ٽي آءِ جي ايڊوائزري ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايڊوائزري ڪائونسل اهم قومي اشوز تي پارٽي چيئرمين کي پنهنجي راءِ ۽ سفارشون پيش ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button