اسلام آبادپاڪستان

مفتاح اسماعيل مستعفي،اسحاق ڊار ناڻي وزير طور نامزد،وزيراعظم سان گڏ ورڻ جو امڪان

لنڊن/اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ن ليگ قائد نواز شريف کي پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪري ڇڏي. ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ لنڊن ۾ پارٽي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ قومي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ايڪسپريس نيوز موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ لنڊن ۾ پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ قومي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ترجمان موجب اجلاس ۾ مفتاح اسماعيل پنهنجي استعيفيٰ نواز شريف کي پيش ڪئي ۽ چيو ته وزارت توهان جي امانت هئي، توهان ئي وزير بڻايو هو. هن چيو ته مان 4 مهينن ۾ پنهنجي ڀرپور صلاحيت سان ڪم ڪيو، پارٽي ۽ ملڪ سان وفاداري نڀائي. نواز شريف ڏکين حالتن ۾ ذميواريون نڀائڻ تي مفتاح اسماعيل جي ڪوششن کي ساراهيو. نواز شريف استعيفيٰ تي مفتاح اسماعيل کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان ڏکين حالتن ۾ ذميواريون نڀايون، جيڪو ساراهه جوڳو آهي. ترجمان موجب نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف اسحاق ڊار کي خزاني جي وزير طور نامزد ڪري ڇڏيو. اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اڳوڻي حڪومت معاشي تباهي جي باهه لڳائي، جيڪا موجوده حڪومت کي وسائڻي پئي. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم ۽ نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا، اجلاس ۾ مفتاح اسماعيل به موجود هو، هن عهدي تان استعيفيٰ ڏني. هن چيو ته مان وزيراعظم سان گڏ اڄ پاڪستان روانو ٿي رهيو آهيان، اڱاري تي سينيٽ جي ميمبرشپ جو حلف کڻندس، اربع تي ناڻي واري وزير جي عهدي جو حلف کڻندس. ذريعن موجب مفتاح اسماعيل چيو آهي ته سومر تي پاڪستان پهچي ناڻي واري وزير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button