اسلام آبادپاڪستان

آڊيو ثبوت آهي ته غيرقانوني ڪم ناهي ٿيو نه ناجائز فائدو پهچايو ويو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آڊيو ثبوت آهي ته ڪو غير قانوني ڪم ناهي ٿيو، نه ئي ڪنهن کي ڪو ناجائز فائدو پهچايو ويو. عمران خان جي ڪرڪ جلسي تي ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف چيئرمين جي خطاب کي “بي شرمي” قرار ڏنو ۽ چيو ته ڀارت مان بجلي جو پلانٽ عمران خان جي حڪومت جي پاليسي ۽ قانون موجب آيو. آڊيو ۾ شوڪت ترين ۽ انهن جي وزيرن وانگر پاڪستان دشمن سازش جي ڪا ڳالهه ناهي ٿي. عمران خان هائوسنگ سوسائٽي جي گرڊ اسٽيشن لڳائڻ جي باري ۾ 18 جولاءِ 2022 جو هاءِ ڪورٽ ملتان بئنچ جو فيصلو پڙهي. هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ عيوض پاڪستان جي آزادي، خود مختياري ۽ معيشت جو سودو ڪندڙ رڙيون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڪو غير قانوني ڪم نه ٿيڻ تي عمران خان ڪاوڙ ۾ چريو ٿي ويو آهي. سندس موجب عمران خان کي ڪاوڙ ان ڳالهه جي آهي ته آڊيو ۾ به ڪا غير قانوني شئي برآمد نه ٿي سگهي، بشريٰ بي بي جي 5 قيراط هيري جو ذڪر ناهي، خيرات جو پئسو پنهنجي ذات ۽ سياست لاءِ استعمال ڪندڙ جو پڪڙجڻ تي پِٽڪو ٺهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button