تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير پرويز خٽڪ اڳڪٿي ڪئي آهي ته حڪومت ٽن ڏينهن اندر ڦهڪو ڪندي، شهباز شريف کي پاڻ استعيفا ڏيڻي پوندي ۽ اليڪشن به جلد ڪرائڻ جو اعلان ٿي ويندو. نوشهرا ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته خيبر پختونخوا صوبي جي عوام تحريڪ انصاف جي حڪومت کي آڻي تبديلي جو اعلان ڪري ڇڏيو، عمران خان کي ٻيهر حڪومت ۾ آڻڻ هاڻي عوام لا ضد جي برابر آهي، نواز شريف ۽ آصف زرداري ملڪ سان سچا نه آهن، هنن سدائين عوام کي لٽيو آهي ۽ مسلسل ڦرلٽ ڪندا پيا وڃن، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي مقبوليت جو وڏو سبب نوجوان آهن. هن وڌيڪ چيو ته فضل الرحمان ايتريون فرمائشون ڪندو هو جو هڪ ڀيري بينظير ڀٽو تنگ اچي کيس چيو هو ته مولانا چئو ته توهان کي اسٽيٽ بئنڪ جي چاٻي ڏئي ڇڏيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close