حيدرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي ٻوڏ متاثرن جي واھر لاءِ سٽي گيٽ کان پريس ڪلب تائين عوامي مارچ ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ڪامريڊ بخشل، ڪامريڊ اختر حسين، ڪامريڊ ضيا، مير حسن سريوال، ڪامريڊ عاليه، ڪامريڊ فوزيه ۽ لطيف لغاري ڪئي. مارچ ۾ مختلف سياسي پارٽين سميت دانشور جامي چانڊيو، گلوڪار وقار ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مارچ کي خداب ڪندي ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ، بلوچستان، سرائيڪي وسيب، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان متاثر ٿيا آھن، ھي مينھن يا ٻوڏ نه پر رياست ھٿ سان ڪروڙين ماڻھو ٻوڙيا آھن. سامراجيت ۽ سرمائيداري ھن ماحول ۽ انسان جي بقا جي قاتل آھن، جيڪي پنھنجو سرمايو بچائي انساني بقا سميت سڄي ماحول کي تباهه ڪري رھيون آھن. ھي رياست ۽ سنڌ سرڪار جيڪڏھن آھن ته صرف ٽيڪس وٺي مھانگائي ڪرڻ لاءِ، قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ ۽ مزاحمت ڪندڙ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ لاءِ آھي. مير حسن سريوال چيو ته سنڌ کي برسات ۽ درياهه جي پاڻي نه پر حڪمرانن جي نااھلي ۽ ھن نظام ٻوڙيو آھي. جيڪب آباد، قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعي سميت ھر ضلعو متاثر ٿيو آھي. ليکڪ ۽ دانشور جامي چانڊيو چيو ته ھي احتجاج سڄي سنڌ جي ضمير جو آواز آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close