لاڙڪاڻو تعليم کاتي ۾ 13 سال اڳ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف هٿن ۾ آئينا کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اميدوارن علي ڏنو گاد، محمد عاقل جتوئي، آفتاب احمد منگي ۽ ٻين دانهيو ته 2009ع دوران سنڌ يونيورسٽي نگرانيءَ ۾ ٽيسٽ ڏئي 60 کان 85 مارڪون کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي پر سازش تحت اسان جا نالا ويٽنگ لسٽ ۾ ڏئي 5 ڀيرا اميدوارن جي لسٽ ۾ تبديلي ڪري رشوت ۽ سياسي سفارش عيوض جعلي ڊگرين، فيل اميدوارن ۽ گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏيئي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، اسان اهڙا ثبوت سنڌ جي وزيرن، مشيرن پيش ڪيا پر اڄ تائين ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو. هنن وڏي وزير، صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري تعليم کي اپيل ڪئي ته پرائمري ٽيچري جا آفر آرڊر ڏئي روزگار فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close