سنڌ

موهن جو دڙو ويجهو قائم ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن جو احتجاج

موهن جو دڙو ويجهو آريجا انڊسٽريل ايريا ۾ انتظاميا پاران قائم ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ برسات متاثر سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لڳا. ان ڏس ۾ متاثرن علي خان، غلام محمد، پير بخش، گلاب احمد، جان محمد، محمد شريف ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٽينٽ سٽي ۾ ٻارڙن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته رڳو هڪ ويلو برياني مهيا ڪئي پئي وڃي، جڏھن ته ناشتو ۽ منجهند جي ماني نٿي ڏني وڃي، جنھن ڪري خاص طور ٻارڙا سخت پريشان ٿين ٿا ۽ اهي بک وگهي دانهون ڪن ٿا. هنن چيو ته ٽينٽ سٽي ۾ عورتن لاءِ ڪو واش روم ناهي، جڏھن پيئڻ توڙي ٻين ضرورتن لاءِ پاڻي به مهيا نه پيو ڪيو وڃي. هنن چيو ته عورتون ۽ ٻارڙا پري کان پاڻي ڀري اچن ٿا، مڇرن جي آزار سبب عورتن ۽ ٻارن جو وڏو انگ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو آهي جن جي علاج جو ڪو بندوبست ناهي. هنن اختيارين کان نوٽيس وٺي واهر ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button