بخشاپور مان ھفتو اڳ مبينا طور گم ٿيل نوجوان گل محمد ملڪ ۽ ساٿي ڪار ڊرائيور پپو ملڪ جي اغوا ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي. ٻنھي مغوي نوجوانن جي بازيابي لا ھڪ ڪروڙ رپين جو ڀنگ طلب ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مغوي نوجوان گل محمد ملڪ جي وارثن نادر ملڪ ۽ گل حسن ملڪ ٻڌايو ته نامعلوم ڏوھارين ڪشمور واسي مغوي ڪار ڊرائيور پپو ملڪ جي موبائيل فون نمبر تان پپو ملڪ جي وارثن کي ڪال ڪري ڌمڪي ڏيندي چيو ته اوھان جا ٻئي جوان گل محمد ۽ پپو ملڪ اسان جي قبضي ۾ آهن. نامعلوم ڏوھارين ٻنھي مغوين جي بازيابي لا ھڪ ڪروڙ رپين جو ڀنگ طلب ڪيو آهي. ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. مغوي گل محمد جي وارثن چيو ته مغوي نوجوان غريب آهن. ھڪ مغوي سيلون تي جڏهن ته ٻيو مغوي ڪار ٽيڪسي هلائي ٻچن جو پيٽ پالين ٿا. ھڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ اسان مسڪين ماڻهو ڪٿان ڀري سگھون ٿا. ھنن بلاول ڀٽو، وڏي وزير، آ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته ٻنھي مغوي نوجوانن کي بنا دير بازياب ڪرائي گهرڀاتين ۾ ڇانيل بي چيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close