دادو: دادو ڀرسان مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات دير سان پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، خبر موجب دادو ڀرسان مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات دير سان مبينا پوليس مقابلو ٿيو، پوليس فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعوى ڪئي آهي، ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون موجب ڏوهاري مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد هيتم جتوئي ڦاٽڪ وٽ مسافر گاڏين کي روڪي ڦر ڪرڻ جي ارادي سان بيٺل هئا، گشتي پوليس کي ڏسي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جڏهن ته پوليس جي وڌيڪ نفري پهچڻ بعد هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري جو لاش سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ڏوهاري جي سڃاڻپ بشير پٽ رمضان لاشاري لاڙڪاڻو ضلعي جي ڳوٺ بيد لاشاري جي رهواسي طور ٿي آهي.
جڏهن ته مخدوم بلاول پوليس مارجي ويل ڌاڙيل سميت 11 ڄڻن تي ايس ايڇ او مخدوم بلاول جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد هيتم جتوئي ڦاٽڪ وٽ مسافر گاڏين کي روڪي ڦرلٽ جي ارادي سان بيٺل ڦورن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ڌاڙيل بشير پٽ رمضان لاشاري مارجي ويو آهي، سندس ساٿي زاهد عرف زاهو، شهباز پٽ نظير ڀنڊ، ساجد عرف ساجو ڀنڊ، نياز لاکير، وحيد ٻرڙو، نثار چانڊيو، سليم، غفار، گل چانڊيو، مير پٽ بشير ڀنڊ فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آهن، ايس ايس پي دادو موجب مارجي ويل ڌاڙيل لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ خوف جي علامت بڻيل هو، مارجي ويل ڌاڙيل مٿان لاڙڪاڻو ضلعي جي حد ۾ 3 ڪيس داخل هجڻ جو رڪارڊ مليو آهي، وڌيڪ رڪارڊ جي جاچ ڪري رهيا آهيون. مارجي ويل ڌاڙيل جو لاش سول اسپتال دادو ۾ پيل آهي، آخري اطلاع تائين وارث نه پهتا هئا.