پاڪستانسنڌ

ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ 5 سئو ماڻهن ۾ شيلٽر ڪٽس ورهايون ويون

سکر: ايڪٽيڊ، آئي او ايم ۽ يونيسيف طرفان ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ 5 سئو گهراڻن ۾ ايمرجنسي شيلٽر ڪٽس، رڌپچا واريون ڪٽس ۽ ڊگنٽي هائيجين ڪٽس ورهايون ويون، جيڪي يو ايس ايڊ طرفان ڊونيٽ ڪيون ويون هيون. ايڪٽيڊ جي نمائندي سردار خالد ۽ آئي او ايم جي نمائندي عبدالحئي ميراڻي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان بلوچستان جي ٽن ضلعن جهل مگسي، نصيرآباد ۽ جعفرآباد ۽ سنڌ جي 6 ضلعن ڪشمور، جيڪب آباد، سکر، دادو، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ اهو سامان ڏئي رهيا آهيون. هنن چيو ته اسان حڪومت پاڪستان ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي متاثرن جي مدد ڪندا رهنداسين، اسان سمجهون ٿا ته وڏو الميو جنم وٺي چڪو آهي ۽ اسان کي وڏي پئماني تي ماڻهن جي مدد ڪرڻي پوندي، ته جئين اهي هن آفت مان نڪري سگهن. انهن چيو ته 17 لک گهر متاثر ٿيا آهن، 5 لک 66 هزار گهر تباهه ٿي ويا آهن، ماڻهن کي فوري طور تي گهرن جي ضرورت آهي. انهن چيو ته متاثرن ۾ شيلٽر ورهائڻ کانپو کين گهر پڻ ٺهرائي ڏنا ويندا. ان موقعي تي 58 ورهين جي عورت بيبل خاتون ٻڌايو ته حڪومت اسان جي ڪا مدد ناهي ڪئي، مليريا ۽ گيسٽرو انهن جي پيارن کي وڪوڙي ويون آهن، ٻارن لا کير ۽ کاڌي جي ضرورت سميت مال لا چاري جي ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button