پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ معصوم ٻارڙو ڊينگي وگهي فوت، وارثن جو مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص تعلقي جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، بيٺل پاڻي ۾ مڇرن وڌڻ سبب ڊينگي ۽ مليريا جا ڪيس وڌڻ لڳا. سمن آباد واسي ھڪ ٻار ڊينگي بخار سبب فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي عورتن ۽ مردن مختيارڪار ۽ چونڊيل نمائندن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي محمد مبين مياڻو، خالد زاهد، مريم، نگينا ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڪالوني ۾ اڃا تائين 2 کان 3 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري اسان آزار ۾ آهيون، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزاري وڌي ويو آهي، جنھن ڪري ڊينگي ۽ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي، ڊينگي سبب اسان جو معصوم نينگر علي شير فوت ٿي ويو، ڪيترائي مرد، عورتون ۽ ٻار مليريا جي مرض ۾ وڪوڙيل آھن، گندو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آھي، پر ڪير نوٽيس نٿو وٺي، ڪيترائي ڀيرا مختيارڪار سميت ميونسپل عملي کي دانھن ڏني آهي، پر ڪير ٻڌي نٿو. هنن گهر ڪئي ته پاڻي نيڪال ڪرائي مڇر مار اسپري ڪرائي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button