سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ چونڊن جي حوالي سان اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ڪراچي ڊويزن جي سڀني ضلعن ۾ 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊن جو اعلان ڪيو آهي پر وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن تائين ڪا چونڊ نٿي ٿي سگهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته رڳو 25 سيڪڙو متاثرن تائين امداد پهچائي سگهيا آهيون، صوبي ۾ روز فوتگيون ٿي رهيون آهن ۽ انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪير به چونڊن بابت نٿو سوچي سگهي، سنڌ ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن تائين ڪي به چونڊون نٿيون ٿي سگهن. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن ڪراچي ڊويزن جي سڀني ضلعن ۾ 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊن جو اعلان ڪيو آهي. ان کان اڳ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 28 آگسٽ تي مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ چونڊون ٿيڻيون هيون پر اهي به برسات سبب ملتوي ڪيون ويون هيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close