سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي کي ڪي اليڪٽرڪ جي ذريعي ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي کان روڪي ڇڏيو آهي. سومر تي سنڌ ها ڪورٽ ۾ بجلي جي بلن ۾ ڪي ايم سي ٽيڪسز جي اوڳاڙي جي خلاف درخواست تي شنوائي ٿي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت کانئس پڇا ڪئي ته هي ساڳيو ٽيڪس آهي، جيڪو ڪي اليڪٽرڪ اوڳاڙيندو؟ صفائي ته نه پئي ٿئي، شهر ۾ ماڻهو ناراض آهن، جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ڇو اوڳاڙي ڪري رهيا آهيو؟ شهري نه ڏين ته سندن بجلي ڪنيڪشن ختم ڪيو وڃي، ڪي ايم سي وٽ طريقو موجود آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي گاڏين تي ڪچرو ڦٽو ڪيو پيو وڃي. ڪي ايم سي جو پنهنجو رڪوري سيل آهي، جيڪو اوڳاڙي ڪري. مرتضيٰ وهاب عدالت کي ٻڌايو ته ڪي ايم سي جو ڪم شهر ۾ ڪم ڪرڻ آهي، پارڪ ٺاهڻ آهي، جنهن تي عدالت چيو ته اوڳاڙي لاءِ رڳو ڪي اليڪٽرڪ بچيو آهي؟ ايڊمنسٽريٽر جواب ڏنو ته اسان ڪوشش ڪئي هئي رڪوري ڪرڻ جي پر ڪامياب نه ٿي سگهياسين. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جو ته حڪومت سان تڪرار هلي رهيو آهي، ڇا هي پئسا اوهان کي ڪي اليڪٽرڪ وارا ڏيندا. ضلعي ڪائونسل جو ٺهراءُ 2 جون 2008 اوهان جمع ڪرايو آهي. مرتضيٰ وهاب جواب ڏنو ته 2008 کان ميونسپل ڪنروينسي ٽيڪس جي نالي سان هي ٽيڪس لڳي رهيو آهي، عدالت چيو ته 2 ارب رپين جو اعلان ڪيو هو روڊ ٺاهڻ لاءِ، جنهن تي ايڊمنسٽريٽر جواب ڏنو ته اسان کي اڍائي ارب رپيا مليا آهن. جسٽس حسن اظهر رضوي پڇا ڪئي ته سٽي ڪائونسل هن وقت فنڪشنل آهي ڇا؟ وفاقي حڪومت پاران اڃا تائين جواب نه مليو آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ پاران به جواب جمع نه ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته مرتصيٰ وهاب جواب ڏنو ته شروع ۾ ساليانو 16 ڪروڙ رپيا ايندا، ان کان پوءِ سوا ٽي ارب رپيا ايندا، عدالت پڇا ڪئي ته پراپرٽي موٽر ويڪل ٽيڪس ورتو پيو وڃي، ڪيترو ملي رهيو آهي ڪراچي کي. مرتضيٰ وهاب جواب ڏنو ته موٽر ويڪل بابت حڪومت سان ڳالهائي رهيو آهيان. عدالت وري سوال ڪيو ته دڪانن تي بئنڪن تي لڳل اشتهارن جي فيس ڪير وٺي رهيو آهي؟ ان جو ڪوئي ڊيٽا موجود آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست گذار کي ٽائيٽل ۾ ترميم جي هدايت ڪندي چيو ته سي اي او ڪي اليڪٽرڪ جي جڳهه ڪي اليڪٽرڪ کي ڌر بڻايو وڃي، ان حوالي سان داخل سموريون درخواستون گڏ ڪيون وڃن. هوڏانهن ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته ڪراچي شهر لاءِ جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، وڏيون وڏيون شاهراهون اسان ٺهرايون. هن چيو ته جنهن ڪي ايم سي لاءِ چيو ويو ته اختيار ناهن پر ان ڪم ڪري ڏيکاريو، اسان شهر ۾ ڪو نئون ٽئڪس نه لڳايو، بس اها غلطي ڪئي جو پئسو پنهنجي کيسي ۾ نه وڌو پر شهر جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو سوچيو. هن چيو ته ميونسپل ٽئڪس مصطفيٰ ڪمال ۽ وسيم اختر جي دور ۾ پڻ هو، مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ ٽئڪس ٻه سئو رُپين کان شروع ٿي پنج هزار رُپين تائين ويندو هو پر ڪراچي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم شايد ماڻهن کي نه پئي وڻيو. مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته وسيم اختر جو دور جيڪو ميونسپل ٽئڪس گڏ ٿيندو هو ته اهو هڪ پرائيويٽ ڪمپني ذريعي گڏ ٿيندو هو پر مون سوچيو ته ڇو نه اهو ڪنهن سرڪاري طريقي سان گڏ ڪيو وڃي ۽ وڏي مشڪل کانپوءِ ان ڪم لاءِ ڪي اليڪٽرڪ ۽ پنهنجي صوبائي حڪومت کي راضي ڪيو هو. هن ٻڌايو ته اسان جو ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدو ٿيو ته جيترو پئسو به ميونسپل ٽئڪس جي مد ۾ گڏ ٿيندو اهو اوهان اسان کي ڏيندئو پر شايد ماڻهن کي اها شئي پسند نه هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close