اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ واري صورتحال ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، پاڻي گهٽجي رهيو آهي، ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا آهن. حيدرآباد ۾ 30 سيڪڙو ماڻهو امدادي ڪيمپن مان پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ويا آهن. ضلعي انتظاميه کين ٽرانسپورٽ جي سهولت ۽ راشن فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته هر علائقي جا پنهنجا ڊائنامڪس هوندا آهن. ڪجهه علائقن مان 15 ڏينهن، ڪجهه علائقن مان 30 ڏينهن، جڏهن ته ڪجهه علائقن مان پاڻي ڪڍڻ ۾ 3 مهينا لڳي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن سنڌ آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاڻي جي نيڪال تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جو وڏو وزير آبپاشي کاتي سان روزاني جي بنيادن تي گڏجاڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڻي جي نيڪال تي پي ڊي ايم اي جي هيوي مشينري کان علاوه ڪراچي واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي جي مشينري به متحرڪ ڪئي وئي آهي ته جيئن متاثر علائقن مان جلد کان جلد برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته مخير حضرات ۽ اين جي اوز کي به چيو ويو آهي ته هو پاڻي جي نيڪال ۾ مدد ڪن ۽ پمپنگ موٽرز فراهم ڪن. هن چيو ته پاڻي نيڪال ٿيڻ بعد بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. بحالي ٻن قسمن جي ٿيندي. جنهن ۾ جن جا گهر ڊهي ويا آهن انهن لاءِ گهر تعمير ڪري ڏينداسين. جڏهن ته هارين جا فصل تباهه ٿي ويا آهن ۽ اهي قرضن ۾ ٻڏي ويا آهن. انهن جي بحاليءَ لاءِ حڪومت مختلف بئنڪن سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن انهن جا قرض ريشيڊيول ٿي سگهجن. جنهن تي ڪيترن ئي بئنڪن مثبت جواب ڏنو آهي.هن چيو ته هڪ اندازي موجب هڪ گهر جي تعمير تي 5 لک رپيا خرچ اچي سگهن ٿا. هن چيو ته تازو برساتن سبب سڀ کان وڌيڪ تباهي سنڌ ۾ ٿي آهي. دنيا ۽ پوري پاڪستاني قوم کي سنڌ ۾ بحالي واري ڪم ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته پرڏيهه مان ڪيترين ئي ڪمپنين ۽ سرندي وارن رابطو ڪيو آهي ۽ اهي ماڊل گھر ٺاهڻ ۾ مدد لاءِ تيار آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ به جيڪڏهن ڪو پورو ڳوٺ ٺاهي ڏيڻ جي حيثيت رکي ٿو ته اڳتي اچي يا جيڪڏهن ڪو هڪ گهر به ٺاهي ڏئي سگهي ٿو ته اھي به اڳتي اچي. هن چيو ته سڀاڻي (اڱاري) کان ٽارگيٽيڊ علائقن ۾ اٽي جا اسٽال لڳايا ويندا ته جيئن سنڌ حڪومت پاران اٽي تي ڏنل سبسڊي غريب ۽ حقدار ماڻهن تائين پهچائي سگهجي. ان سلسلي ۾ خوراڪ کاتي پاران سروي به ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪڻڪ جو 25 سيڪڙو حڪومت خريد ڪندي آهي ۽ 75 سيڪڙو مل مالڪ خريد ڪندا آهن. حڪومت جي ڪوشش آهي ته سرڪاري ڪڻڪ غريب آبادي وارن علائقن ۾ ڏني وڃي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا ان جي نگراني ڪندي ته جيئن ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن کي 10 لک رپيا في ماڻهو معاوضو ڏنو ويندو. جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت به متاثرن جي مدد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. صحت کاتو، پي پي ايڇ آءِ، پاڪستان آرمي، نيوي، ايئر فورس ۽ فلاحي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ 6963 فڪسڊ ميڊيڪل ڪئمپون ۽ 7920 موبائيل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. جن ۾ 19536 مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر، 39600 پيرا ميڊيڪس ۽ 1792 رضاڪار خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته انهن ميڊيڪل ڪيمپس ۾ 3 ڏهائي 14 ملين مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جن ۾ 638970 ڊائريا ، 703340 چمڙي جون بيماريون، 621319 ساهه جي بيمارين، 294519 مليريا جي شڪي، 15179 مليريا جي تصديق ٿيل ۽ 1284 ڊينگي جي مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وٽ هن وقت 92347 ڪتي جي چڪ کان بچا واري ويڪسين ۽ 18399 نانگ جي ڏنگڻ کان بچا جي ويڪسينز جو اسٽاڪ موجود آهن. هن چيو ته هلندڙ سال 2022 ۾ ڊينگي جا ڪل 7951 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته سيپٽمبر مهيني ۾ 5382 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 4661 ڪراچي ڊويزن ۾ رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح حيدرآباد ۾ 479، ميرپورخاص ڊويزن ۾ 132، لاڙڪاڻي ۾ 17، سکر ۾ 32 ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ 61 ڊينگي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.صوبائي وزير چيو ته رليف ڪيمپن ۾ 9460 ڳورهاريون عورتون به موجود هيون. جن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون ۽ ضروري خوراڪ جون ضروري سپليمينٽس به فراهم ڪيون ويون. هن چيو ته 3711 عورتن ٻارن کي جنم ڏنو. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته هرنائي ۾ پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل 6 جوانن جي لاءِ دعاگو آهيون. اهو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي، شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت شهيدن جي خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿي. مريم اورنگزيب کي هراسان ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان واقعي کانپوءِ اسان جو ڪنڌ شرم کان جھڪي ويو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ان کان وڌيڪ خراب مثال نهٿو ملي ته ڪنهن عورت کي پرڏيهه ۾ هراسان ڪيو ويو هجي. منهنجو خيال آهي ته عمران خان جنهن ڪلچر کي فروغ ڏنو آهي، هڪ ڏينهن عمران خان کي پاڻ کي به منهن ڏيڻو پوندو. انديشو آهي ته اهو ڪلچر خون خرابي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جنهن جو ذميوار هڪ ئي شخص عمران خان هوندو. هن چيو ته انهن شين جي ڪري بگاڙ پيدا ٿيندو.تنقيد اڳ به ٿيندي هئي، پر گار گند نه هوندي هئي. اهو ڪلچر ان جاهل شخص پيدا ڪيو آهي. هي گاريون ڏيندڙن کي همٿائيندو آهي، اقتدار ۾ به سڀ کان اهم ترين وزارت ان کي ڏيندو هو، جيڪو وڌيڪ گاريون ڏيندو هو. هڪ سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير پنهنجو گھر ٻوڙي وڏي قرباني ڏني. بزرگن جا قبرستان ٻوڙي ڇڏيا. قوم وڏي وزير کي سلام پيش ڪري. اِهو تاثر غلط ۽ هٿ ٺوڪيو آهي ته سنڌ ٻڏي ناهي پر ٻوڙي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ چونڊون وقت تي ٿينديون. اسحاق ڊار ۽ نواز شريف واپس اچي سگهن ٿا، هي انهن جو ملڪ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close