ناڻي جي نامزد وفاقي وزير اسحاق ڊار جي واپسي جي اعلان آمريڪي ڊالر کي پير پوئتي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، اوپن ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ وڏي بهتري اچي وئي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 6 رپيا 90 پئسا سستو ٿي ويو، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ 2 رپيا 63 پئسا لاٿ آئي آهي. مليل ڄاڻ موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 6 رپيا 90 پئسا گهٽتائي بعد 237 رُپيا 50 پئسن جو ٿي ويو، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 2 رُپيا 63 پئسا لاٿ اچڻ بعد 237 رپيا 2 پئسن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به ڪالهه ڪاروبار جي حوالي سان هاڪاري ڏينهن رهيو، جتي 100 انڊيڪس 531 پوائنٽ اضافي سان 41151 تي بند ٿيو، مارڪيٽ ۾ 21 ڪروڙ 30 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 9 ارب 51 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ رهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close