بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر ڪري تباهه ٿيڻ سبب 2 ميجرن سوڌو سمورا 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. ان حوالي سان پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر هرنائي ۾ ڪري تباهه ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پائليٽن سميت 6 اهلڪارن شهادت ماڻي آهي. آءِ ايس پي آر موجب هيليڪاپٽر گذريل رات فلائنگ مشن تي هو، جنهن دوران ڪري تباهه ٿي ويو، حادثي ۾ شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ پائليٽ ميجر محمد منيب افضل، پائليٽ ميجر خرم شهزاد، نائيڪ جليل، صوبيدار عبدالواحد، سپاهي شعيب ۽ سپاهي محمد عمران شامل آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ گذريل مهيني به پاڪ فوج جو هڪ هيليڪاپٽر بلوچستان جي علائقي لسٻيلي ۾ حادثي جو شڪار ٿيو هو، جنهن ۾ ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت 6 فوجي جوان شهيد ٿيا هئا. هوڏانهن هرنائي ۾ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي 6 جوانن جي جنازي نماز سومر ڏينهن ڪوئيٽا گيريزن بلوچستان ۾ ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق جنازي نماز ۾ بلوچستان جي ڪور ڪمانڊر، اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين شرڪت ڪئي. شهيدن جا مڙهه سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا جتي پوري فوجي اعزاز سان کين مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. آ ايس پي آر مطابق ميجر خرم شهزاد جي عمر 39 سال هئي ۽ سندس تعلق اٽڪ سان هو، هن پوئينرن ۾ زال ۽ هڪ ڌيءُ ڇڏي آهي. شهيدن ۾ شامل ميجر محمد منيب افضل جي عمر 30 سال هئي، سندس تعلق راولپنڊي سان هو، هن وارثن ۾ ٻه پٽ ڇڏيا آهن. افسوسناڪ حادثي ۾ شهيد ٿيل صوبيدار عبدالواحد جي عمر 44 سال هئي، هو ڪرڪ جي ڳوٺ صابر آباد جو رهاڪو هو، کيس هڪ ڌي سميت 4 ٻار آهن. شهيد محمد عمران جي عمر 27 سال هئي، هو مخدوم پور خانيوال جو رهواسي، ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جو پيءُ هو. شهيد نائيڪ جليل جي عمر 30 سال هئي، هو ضلعي گجرات جو رهاڪو هو، سندس ٻه ٻار آهن. شهيد سپاهي شعيب جي عمر 35 سال هئي ۽ هو اٽڪ ضلعي جو رهواسي هو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف هرنائي ۾ پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر سان ٿيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري قوم شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، دعا آهي ته الله تعاليٰ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونيئرن کي صبر عطا فرمائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close