لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾ پيش آيل واقعي خلاف ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جي سڏ تي پاڪستان ميڊيڪل ايسوسئيشن، ٽيچرس ايسوسيئشن ۽ ينگ ڪنسلٽنٽ ايسوسئيشن پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن اڳواڻ ڊاڪٽر فضل کوسو، ڊاڪٽر فهيم احمد خشڪ، ڊاڪٽر احسان ملڪ، فهد جبران سيال، ڊاڪٽر فرحانه گاڏهي، ڊاڪٽر نشا، ڊاڪٽر شبير سومر چيو ته ڇنڇر ڏينهن چانڊڪا جي حادثن واري شعبي ۾ڪجهه ماڻهن بيگناهه پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو هو. ھنن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي سيڪريٽري کي اپيل ڪئي ته سمورن ڊاڪٽرن ۽ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪري واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف ڊاڪٽرن پاران او پي ڊي جي بائيڪاٽ سبب مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، جتي مريضن جي وارثن ڊاڪٽرن خلاف سول اسپتال روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي نصيرآباد واسي زاهد حسين ڦلپوٽو، اياز چانڊيو، محمد بخش ۽ ٻين چيو ته اسان پنهنجي مريضن کي علاج لاءِ کڻائي او پي ڊي آياسين ته جتي او پي ڊي کي تالا لڳل هئا ۽ ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽرن جو بائيڪاٽ آهي. هنن چيو ته ايمرجنسي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ مريضن کي هٿ سان مارڻ جي برابر عمل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان جي مريضن کي علاج سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close