ٽنڊو محمد خان جي سينيئر صحافي پي ايف يو جي حيدرآباد جي اڳواڻ رمضان شورو ۽ صحافي غلام قادر شورو جو ڀا حيدر شورو جگر ۽ گڙدن جي بيماري سبب 52 سال جي ڄمار ۾ حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. جنهن جي ميت کي ايمولينس ذريعي ٽنڊومحمد خان ڀرسان سندس ڳوٺ ڀائي خان ۾ ٽالپر آندو ويو، مرحوم کي ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ڀرسان سندس اباڻي قبرستان پير امان شاهه ۾ سوي آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو، سندس جنازي نماز ۾ پي پي اڳواڻ پير سجاد جان سرهندي، ايس يو پي اڳواڻ پير ڊاڪٽر خليل جان سرهندي. اڳوڻو يوسي چيئرمين پير احمد سعيد خالد جان سرهندي پير معصوم جان سرهندي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري سميت علائقي جي معززن شرڪت ڪئي، جڏهن سندس تڏو ڀائي خان ٽالپر ۾وڇايو ويو،
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close