پورهيت مزاحمت تحريڪ ۽ مزدورن طرفان بلڊر جي زياديتن ۽ ملازمن کي نوڪرين مان جبري برطرف ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪامريڊ مسرور شاهه، ڪامريڊ نثار لغاري، ستار ڇلگري، امجد رند، فتح محمد گوپانگ، ممتاز عالماڻي، اعجاز ڇلگري ۽ ٻين چيو ته عارف بلڊر مقامي پورهيتن کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. بلڊر ذريعي زمينون خريد ڪري شهري آبادي جا منصوبا جوڙيا، هاڻ 70 کان 80 پورهيتن کي بنا جواز نوڪري مان ڪڍي بيروزگار ڪيو ويو آهي. رهيل پگهارون پڻ ادا ناهن ڪيون ويون، هنن الزام هڻندي چيو ته نوڪرين مان جبري برطرف ڪرڻ توڙي رهيل پگهارون گهرڻ تي پورهيتن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پورهيتن کي نوڪري تي بحال ڪري رهيل پگهارون ڏئي بک مرڻ کان بچايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close