لطيف آباد ۾ سنڌو درياهه جي ڪچي ۾ درجن کان وڌيڪ ڳوٺن جي ٻوڏ متاثرن کي ٽينٽ، راشن، مڇر دانيون ۽ چوپائي مال جو چارو نه ملڻ ۽ ڪچي ۾ بلڊرن جي غير قانوني اسڪيمن لاءِ ڏنل ھٿرادو بند ختم نه ڪرڻ خلاف لطيف آباد 10 نمبر ڀرسان بچاءُ بند ۽ گنجي ٽڪر تي پنھنجي مدد پاڻ ويٺل ٻوڏ متاثرن سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ لطيف آباد بچاءُ بند کان ريلي ڪڍي عورتن ۽ ٻارن سان گڏ پيادل مارچ ڪري شھباز بلڊنگ اڳيان ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ الطاف خاصخيلي، اصغر لغاري، اقبال خاصخيلي، شفيع ملاح، اجمل ٺاڪر، مير محمد سولنگي ۽ ٻين چيو ته پ پ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو آھي. ڊي سي، اي سي لطيف آباد ۽ مختيارڪار پ پ وزيرن ۽ ايم پي ايز جي بنگلن تي ويٺا آھن. من پسند ماڻھن کي نوازيو پيو وڃي. لطيف آباد 10 نمبر ڀرسان بچاءُ بند تي ھزارين غريب خاندان بي يارومددگار ويٺا آھن، ڪنھن کي به ٽينٽ ناھي مليو. متاثر ڪکن ۽ پنن جون جھڳيون ٺاھي ويٺا آھن. غريب متاثر ٻار، عورتون ۽ پيرسن ماڻھو ۽ نياڻيون کليل آسمان ھيٺ اس ۾ سڙي رھيون آھن. علائقي مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار آھي. پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. ڪجھه ڏينھن ۾ ٻارن، عورتن ۽ بزرگ ماڻھن سميت 10 ڄڻا مليريا ۽ دستن جي بيماري ۾ فوت ٿي چڪا آھن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close