اسلام آبادپاڪستان

ملڪ جي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي رپورٽ جاري

اسلام آباد: واپڊا مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل پڌرائي مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 75300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 74500 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 20600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20600 ڪيوسڪ، خير آباد پل وٽ پاڻي جي آمد 58500 ڪيوڪس ۽ ڇوڙ 58500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 20000 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 26000 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 45300 ڪيوسڪ ۽ ڇور 18100 ڪيوسڪ آهي.

تربيلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ سطح 1398 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 5 ڏهائي 827 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ديم ۾ گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ سطح 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1190 ڏهائي 85 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 3 ڏهائي 779 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشما بيراج جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ سطح 638 ڏهائي 15 فوٽ بيراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 648 ڏهائي 10 فوٽ، بيراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0 ڏهائي 232 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button