اسلام آبادپاڪستان

ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح آهي: عبدالقادر پٽيل

اسلام آباد: قومي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ هيلٿ ڪيمپون لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي. متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي اولين ترجيح آهي. ڪالهه وزارت پاران جاري ڪيل بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ صحت سمورين سهولتن لاءِ ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 48 هيلٿ ڪيمپون لڳايون ويون آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪي پي جي 8 ضلعن ۾ 16، پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 4، بلوچستان جي 7 ضلعن ۾ 14 ۽ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ پڻ 14 ڪيمپون لڳايون ويون آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 5542 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي. 5 سالن کان گهٽ ڄمار جي 1152 ٻارن کي طبي امداد ڏني وئي. هن چيو ته هيلٿ ڪيمپن ۾ 599 ٻارن کي پوليو جا حفاظتي ڦڙا پياريا ويا ۽ 292 ٻارن کي حفاظتي ٽڪا به لڳايا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button