پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم شهر کي بچائڻ لا ڏنل بند کي بااثر ڪٽ ڏياري ڇڏيو

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم شھر کي بائي پاس وٽ ڏنل بچابند تي مشينون هلائڻ باوجود پاڻي جي سطح گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳي آھي. معلوم ٿيو آهي ته بااثر پاران پنهنجي زمينن مان پاڻي ڪڍي بچابند واري پاسي موڪلڻ سبب پاڻي ۾ چاڙهه ٿي آهي. گذريل رات دير سان زم زم سي اين جي ڀرسان بچابند کي ڪٽ ڏئي برساتي پاڻي هنجورڻ ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو ويو، جيڪو 7 ڪلاڪن تائين وهندو رهيو، اطلاع ملڻ تي وڏي وزير جي خاص معاون ۽ برسات ايمرجنسي بابت ضلعي سانگهڙ جي فوڪل پرسن پارس ڏيرو انتظاميا سان رابطو ڪري ڪٽ بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊوآدم عمران نظير شيخ ۽ مختيارڪار رحم علي زرداري پوليس اٽالن سان ڳري مشينري سميت ڪٽ بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران هٿياربندن ايڪسيويٽر مشين جي ڊرائيور کي داٻا ڏنا ويا، بعد ۾ اي سي پاران پاڻي کي ابتو وهائي ڪڍرائڻ جي خاطري تي هٿياربند واپس روانا ٿي ويا، جنهن بعد انتظاميا ڪٽ کي بند ڪرائي ڇڏيو، مسلسل 7 ڪلاڪن تائين پاڻي هنجورڻ ڍنڍ ۾ ايندو رهيو، جنهن سبب ڍنڍ جو پاڻي اوور ٽاپ ٿي مختلف علائقن ۾ داخل ٿيڻ لڳو، شھر جا مختلف علائقا جمن شاھه، ٽھل آباد، وشن آباد، بسم الله ٽائون ۽ ٻيا ٻن مهينن کان پاڻي هيٺ آھن ۽ رهواسي گهر خالي ڪري هليا ويا آھن، جيڪي دربدر آھن، انتظاميا پاران پاڻي نيڪال لا بچابند ۽ هنجورڻ تي رڳو 2/2 مشينون لڳايون ويون آھن. ذريعن موجب انتظاميا پاران پاڻي جي نيڪال لا خرچ ڪيل ڏيڍ ڪروڙ جي رقم مان ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ رڳو 40 لک رپيا جاري ڪيا آھن، جنهن سبب پاڻي جي نيڪال وارو ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button