عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ڀرسان ڳوٺ سپروائيزر ڪوٽ جي برسات متاثر ڪڇي برادري جي متاثر ماڻھن راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي مالهو، ويرو، پرمون، اڀرو ڪڇي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مسلسل برساتن سبب 10 اجها ڊهي پٽ ٿي ويا آھن، ڪريل گهرن مٿان سامان رکي ويٺا آھيون، حڪومت توڙي تڪ جي چونڍيل نمائندن ڪا به سار ناهي لڌي، برسات بيهندي لڳ ڀڳ هڪ مهينو ٿي رهيو آھي، پر کليل آسمان هيٺ دربدر آهيون، راشن ۽ ٽينٽ من پسند ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن، کليل آسمان هيٺ ويٺل ٻارڙا بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آھن. هنن چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته راشن، خيما، پيئن جو پاڻي ۽ طبي سهولتون ڏنيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close