پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ڌي سان ملڻ آيل عورت مبينا اغوا، 3 ڏينهن تائين زيادتي

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي جي شهر سامارو-ڪنري روڊ ڪراچي ھوٽل ويجھو ڳوٺ حاصل ڪپري ۾ پنھنجي ڌي سان ملڻ لاءِ ويل جيمس آباد جي رهواسڻ عورت سان بااثرن مبينا طور زبرستي 3 ڏينهن تائين لڄالٽ ڪئي. متاثر عورت احتجاج ڪندي انصاف جي گهر ڪئي. جيمس آباد جي رهواسڻ پنهنجي ڌي سان ملڻ ڳوٺ حاصل خان ڪپري وئي هئي، جتي کيس 4 جوابدارن مبينا طور اغوا ڪري ورتو. متاثر عورت احتجاج ڪندي چيو ته مون سان هڪ جوابدار زيادتي ڪئي. آئون ڳوٺ حاصل خان ڪپري ۾ پٽ سان گڏجي پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ويس، جتي 4 جوابدارن زبردستي اغوا ڪري هڪ اوطاق ۾ قيد ڪيو، جتي جوابدار 3 ڏينهن مسلسل لڄالٽ ڪئي، جوابدارن مون مسڪين سان ظلم ڪيو آهي. هن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کي اپيل ڪئي ته زيادتي واقعي جو جلد نوٽيس وٺي ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button