پاڪستانسنڌ

نوشهروفيروز ۾ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرو، باهيون

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ۽ ڀرپاسي مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلن ابڙان، نوان جتوئي ۽ ڀرنڊ جي برسات متاثر ڳوٺن جي سوين رهواسي مردن ۽ عورتن ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ٽائرن کي باهيون ڏنيون. ان موقعي تي اڪبرکوسو، عرض محمد کوسو، حمزا کوسو، نديم کوسو، گدا خاصخيلي، غلام شبير وڳڻ، گلبهار جهنڊير، سليمان سولنگي ۽ ٻين چيو ته بااثرن واهن ۽ شاخن کي ڪٽ ڏئي هٿ سان اسان جا سوين ڳوٺ ٻوڙايا آهن، جنهن ڪري هزارين خاندان روڊ رستن تي ويٺل آهن، جن کي هن وقت تائين ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم ۽ اي سي نوشهروفيروز راشن فراهم نه ڪيو آهي، جڏهن ته مهينو گذرڻ باوجود سوين ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس جي گهر ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button