سنڌڙي: سنڌڙي ٿاڻي حد ڳوٺ رحيم بروهي جي رهواسڻ بيوه نور خاتون بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. هن صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي مڙس مرحوم محمد بخش بروهي جي وفات کانپو منهنجي مقاطعي تي ڏنل زمين 111 ايڪڙ زمين بااثر مصطفى بروهي ۽ نور حسن بروهي جعلي کاتا جاويد بروهي جي نالي سان ٺهرائي ڦٻائڻ چاهين ٿا ۽ ٺيڪيدار کي ڌمڪيون ڏئي زمين خالي ڪرائي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. نور خاتون چيو ته منهنجي مڙس ۽ سهري جي نالي تي زمين آھي، جنهن جو فوتي کاتو اڃان ناهي ٿيو. هن چيو ته عدالت جعلي کاتا رد ڪيا، هاڻ جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، مون تحفظ لا سنڌڙي ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي آهي، ٻارن سميت جان بچائڻ لا سيال ڪالوني ۾ رهان پئي. هن ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ڊي ايس پي سنڌڙي کان گهر ڪئي ته ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close